حسني مبارڪ

حسني مبارڪ

حسني مبارڪ

حسني مبارڪ: مصر جي اڳوڻي صدر، فوجي اڳواڻ ۽ ناليواري سياستدان حسني مبارڪ جو جنم، ڪافر المسيلحــٰه، مصر ۾ 4 مئي 1928ع تي ٿيو. هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن مصر جي هڪ فوجي اداري (Egyptian Military Academy) ۾ داخلا ورتي، 1949ع ڌاري فوجي سائنس ڪاليج (Military Science College) مان گرئجوئيشن ڪيائين. 13 مارچ 1950ع تي ڪميشن پاس ڪري پائيلٽ مقرر ٿيو. 1950ع ڌاري هوائي فوجي اڪيڊميءَ (Air Force Academy) ۾ انسٽرڪٽر Instructer مقرر ٿيو. جتي 1959ع تائين رهيو. ان دوران هن ماسڪو (روس) ۽ ڪرغستان جي شهر ’بشڪيڪ‘ Bishkek ۾ پائليٽ جي تربيت ورتي، جيڪو اڄڪلهه پنجين روسي آرميءَ جو 999 ايئر بيس سڏجي ٿو. حسني مبارڪ لايوشن (Llyyushin) II-28 ۽ توپو ليوتو 16 بامبرجيٽ جي تربيت وٺڻ بعد 1964ع ۾ ملٽري اڪيڊميءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. مصر واپسيءَ تي پهريان ونگ ڪمانڊر پوءِ بيس ڪمانڊر ۽ 1966ع ۾ ڪيريو ويسٽ ايئر سپورٽ ايئربيس جو ڪمانڊر مقرر ٿيو. نومبر 1967ع ۾ کيس ايئر فورس اڪيڊميءَ جو ڪمانڊر ۽ 1969ع ۾ مصر جي ايئر فورس جو چيف آف اسٽاف، 1972ع ۾ هوائي فوج جو ڪمانڊر ۽ مصري دفاع جي وزارت جو ڊپٽي منسٽر ۽ 1973ع ۾ فوجي خدمتن عيوض ايئر چيف مارشل مقرر ڪيو ويو. مصر پاران اسرائيل خلاف ٿيل جنگ ۾ هن وڏو ڪردار ادا ڪيو.
پهريون ڀيرو مصر جي صحافي ۽ تجزئي نگار محمد حسنين هيڪل، سئيز ڪئنال معاملي تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو. جنهن جو چوڻ هو ته سئيز ڪئنال معاملو ڳالهه ٻولهه سان حل ٿي پئي سگھيو پر حسني مبارڪ فوجي اڳرائي ڪري مشڪلاتون پيدا ڪيون. حسني مبارڪ کي ’سعاد ايلدن‘ جي ڌيءَ شاهدان ايلشازلي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کيس 1973ع واري جنگ جو ذميوار قرار ڏنو.
اپريل 1975ع ۾ حسني مبارڪ کي مصر جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو ۽ ان عهدي تي ذميواريءَ سان فرض نڀايائين. آڪٽوبر 1981ع ۾ صدر سادات جي سياسي قتل کانپوءِ حسني مبارڪ مصر جو صدر ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ٿيو. بي بي سي جي هڪ خاص رپورٽ موجب حسني مبارڪ ڇهن قاتلاڻن حملن مان بچي نڪتو. سندس حڪومت (5- 2004ع) دوران مصر جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تمام گھڻي تيزي آئي، جيتوڻيڪ حڪومتي ادارن کي خانگائڻ وارين پاليسين سبب مٿس وڏي تنقيد ٿي. هيءُ لڳاتار چار ڀيرا ريفرينڊم (Refrendum) ذريعي وڏي اڪثريت سان صدر مقرر ٿيندو آيو.
ملڪ ۾ اندروني انتشار ۽ بين الاقوامي دٻاءَ جي ڪري هن پارليامينٽ مان آئين ۾ ترميمون ڪرايون، مخالف اميدوارن کي صدارتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي قانوني اجازت ڏني ۽ چونڊن ۾ بنا مقابلي صدر ٿي ويو، پر 2005ع وارين چونڊن کي مختلف سماجي تنظيمن بدعنوانين تي مشتمل چونڊون قرار ڏنو.
هن جي پوئين صدارتي دور ۾سياسي بدعنوانيون چوٽ تي چڙهيل رهيون، ڪيترائي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن جيلن ۾ وڌا ويا. 2005ع دوران Freedom House نالي هڪ سماجي تنظيم انڪشاف ڪيو ته حسني مبارڪ جي پوئين صدارتي دور ۾ ڪاموراشاهيءَ جي ڪاروهنوار ۽ ڪجهه ٻين منفي عنصرن کي هٿي ملي، جن بدعنوانين جا رڪارڊ قائم ڪيا. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل (Transparency International) جي 2010ع واري رپورٽ موجب حسني مبارڪ جي پوئين دور ۾ مصر دنيا جي 178 بدعنوان ترين ملڪن مان 98 نمبر تي هو. حسني مبارڪ اسرائيل جو حامي ۽ عرب ليگ کي گهڻو ويجھو رهيو آهي، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ هن عربن جي ڪوششن کي گھڻو همٿايو آهي.
25 جنوري 2011ع تي مصر جي شهر ڪئريو (Cario) ۾ حسني مبارڪ جي حڪومت خلاف عوام پاران شديد رد عمل سامهون آيو، ۽ عوام کانئس بيزاريءَ جو اعلان ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جي گهر ڪئي. عوام جي مسلسل احتجاج بعد حسني مبارڪ 1 فيبروريءَ تي اعلان ڪري سيپٽمبر ۾ متوقع چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ ۽ آئين ۾ اصلاحن آڻڻ جو واعدو ڪيو.
سندس ان وعدي تي به عوام راضي نه ٿيو ۽ کانئس استعيفا جو مطالبو زور وٺندو رهيو. ان دوران حسني مبارڪ جي حامين ۽ مخالفن جي وچ ۾ شديد مظاهرا، جھڙپون شروع ٿيون، اهي جهڙپون 2 فيبروري 2011ع تائين جاري رهيو. آخرڪار نائب صدر عمر سليمان اعلان ڪيو ته حسني مبارڪ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ان اعلان سڄي مصر ۾ خوشيءَ جي لهر پکيڙي ڇڏي. استعيفا ڏيڻ کانپوءِ هو وري ميڊيا تي ظاهر نه ٿيو. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته هو بيمار ٿي ڪوما ۾ هليو ويو. کيس 1995ع ڌاري ’جواهر لعل نهرو اوارڊ‘ مليو.
هن مصر تي 29 سال حڪومت ڪئي. 2009ع جي پريڊ مئگزين (Parade Magazine) هن کي دنيا جو ويهون (20) بدترين آمر قرار ڏنو.


لفظ حسني مبارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.05.04  عيسوي

مصر جي اڳوڻي صدر، فوجي اڳواڻ ۽ ناليواري سياستدان حسني مبارڪ جو جنم، ڪافر المسيلحــٰه، مصر ۾ 4 مئي 1928ع تي ٿيو.


2011.01.25  عيسوي

25 جنوري 2011ع تي مصر جي شهر ڪئريو (Cario) ۾ حسني مبارڪ جي حڪومت خلاف عوام پاران شديد رد عمل سامهون آيو، ۽ عوام کانئس بيزاريءَ جو اعلان ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جي گهر ڪئي.


1950.03.13  عيسوي

13 مارچ 1950ع تي ڪميشن پاس ڪري پائيلٽ مقرر ٿيو. 1950ع ڌاري هوائي فوجي اڪيڊميءَ (Air Force Academy) ۾ انسٽرڪٽر Instructer مقرر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنا لال بي ڪشوراڻي
سلطان گولڊن
ڪيولرام آڏواڻي
مير بهرام خان ٽالپر
علي مير شاهه
ظهور خان ڀوپنگ نواز
اسماعيل عرساڻي
سيراني خواجه محڪم الدين
جوڻيجو جان محمد
خواجه عبدالرحمان تارڪ طُريل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون